شازيه عطا مري

شازيه عطا مري

شازيه عطا مري

شازيه عطا مري: پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ، شازيه مريءَ، 8 آڪٽوبر 1972ع تي سنڌ جي مشهور سياستدان رئيس عطا محمد خان مريءَ جي گهر ۾، ٻيراڻي ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. شازيه جو والد، 1990ع کان 1993ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر رهيو. شازيه جي والده پروين مري پڻ 86-1985ع دوران سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر رهي. شازيه جو ڏاڏو حاجي علي محمد مري ورهاڱي کان اڳ 1944ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهي چڪو هو، اهڙي طرح شازيه موروثي سياستدان آهي.
شازيه مري گرئجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ هڪ ٽي وي چئنل تي اينڪر پرسن طور ڪم ڪيو ۽ سياسي طور سرگرم ٿي. 2002ع واري چونڊن ۾ پهريون ڀيرو PS-133 (عورتن جي مخصوص سيٽ) تان صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجي آئي. 2002ع کان 2007ع واري عرصي ۾ شازيه مري پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۽ صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي ميمبر رهي. 2008ع وارين صوبائي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ بعد سنڌ حڪومت ۾ کيس ‘اطلاعات کاتي’ جي وزارت ڏني وئي.
2013ع وارين عام چونڊن ۾ هنNA-235 (سانگهڙ) تان فنڪشنل ليگ جي پير صدرالدين شاهه راشديءَ هٿان شڪست ملي، جنهن بعد پيپلز پارٽيءَ جي ڪوٽا تي عورتن واري مخصوص سيٽ تي کيس قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ڪيو ويو. بعد ۾ پير صدرالدين شاهه راشديءَ طرفان سانگهڙ جي سيٽ تان استعيفا ڏيڻ بعد ضمني چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان شازيه مري، ايم. اين. اي چونڊجي آئي.


لفظ شازيه عطا مريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.10.08  عيسوي

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ، شازيه مريءَ، 8 آڪٽوبر 1972ع تي سنڌ جي مشهور سياستدان رئيس عطا محمد خان مريءَ جي گهر ۾، ٻيراڻي ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بخاري جمال الدين
سمر سجوڙو
رونالڊ ريگن
رنوير سنگھه
مير يار محمد ٽالپر
انب جوڳي
انور علي عباسي
مرليڌر جيٽلي ڊاڪٽر
سيد غلام مصطفيٰ شاهه ميرڪ
سيٺ نانڪرام
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون